شعر جي سوکڙي

شعر جي سوکڙي

شعر جي سوکڙي

شعر جي سوکڙي (ڪتاب): مختلف ڪلاسيڪل ۽ عمده شاعرن جي چونڊ ڪلام تي مشتمل هن ڪتاب جا مرتب لال سنگهه هزارسنگهه اجواڻي ۽ گوپي آسودو مل رام رکياڻي آهن. هن ڪتاب ۾: قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سامي سچل، ليلارام، وطڻ مل خاڪي، عبدالحسين خان ٽالپر سانگي، صوفي دلپت، گل محمد گل، قادر بخش بيدل، ميان محمد حسن (بيڪس)، روحل فقير، ڏيارام گدو مل، قليچ بيگ، ڪشن چند بيوس، نواز علي نياز، ڀيرومل غريب، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي. آخر ۾ ليکڪ، ڪتاب ۾ شامل شاعرن بابت ‘ٻه ٽي حرف’ جي سري هيٺ سوانح ڏني آهي. 22 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌ ڪاليج ڊيپو ڪراچي اي آر پنواڻي، ڪرائون اليڪٽرس پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان، 1981ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو